World's 1st Sindhi internet magazine

since 2001 in the srvice of Sindhyat

Award winner website SINDHYAT AWARD 2010

Akhil Bharat Sindhi Boli ain Sahit Sabha

Dear viewers, Jai Jhulelal
Sindhigulab.com
is a complete Arbi Sindhi Web magazine, It is the India's first magazine publishing monthly in Sindhi.
Some of its pages you can watch in Devnagari & English also.

21 January 1900

Asha Chand - DUBAI

Dada Murij Manghnani -DUBAI

Shri Notan Tolani Hongkong

Shri Lal Hardasani Hongkong

Shri Chetan Ramchandani-DUBAI

Shri Chandru Manghnani Mumbai

Shri Dilip Bulchandani-DUBAI

Follow us on

Free Sindhi Matrimonials

Regester & make Contact FREE

SINDHIYOG.com

Huge Collection of

Sindhi DVDs & CDs

Sindhi Films, Songs,

Dramas, Programs ...

Click here for LIST

Website developed by

Dilip Tekchandani

e-mail

Sindhi DVDs

& CDs

collection List

Custom Search

PROUD TO BE SINDHI

SINDHI

BOLI

 

ڪهاڻي        گرمي     ليکڪ  رشيد آزاد (سنڌ)  

 

ادبي نالو : رشيد آزاد 

پورو نالو : عبدالرشيد سومرو 

مستقل ايڊريس : پوسٽ آفيس دڙو , تعلقو ميرپور بٺورو , ضلعو سجاول/ ٺٽو ,  سنڌ 

 

 

رات جو پويون پهر .... گهٽ ٻوسٽ , اصل ساه ٿو منجهي ... الا ! ڪيڏي گرمي آھي ... هاڻي ته ساه به نٿو کڄي . گرمي ! هڪ اندر جي ٻي ٻاهر جي... جسم ۾ تڙپ آھي هڪ انڌي خواهش جيڪا وڌندي ئي وڃي ٿي گهٽجڻ جو نالو ئي نٿي وٺي. ايڏي گرميء جي باوجود به هوء ڪمري کان ٻاهر نٿي نڪري, اڃا به آس باقي آھي, 'شايد موٽي اچي اڌورا ارمان پورا ڪرڻ لاء' ,هڪ آٿت جيڪا هوء پنهنجو پاڻ کي ڏيئي ٿي. 

'پر نه هو هاڻ نه موٽندو , شايد هن کي ننڊ اچي ويئي آھي'. اهو سوچڻ سان ئي هن جي دل ۾ هلڪي سور جي سٽ اڀري ٿي ۽ اندر ۾ مونجهه وڌي وڃي ٿي  ۽ ساه ٻوساٽجڻ لڳي ٿو. 

پٽ تي وڇايل توريء تان اٿي دريء کان ٻاهر نهاري ٿي, سندس مڙس ٻاهر اڱڻ ۾ پيل کٽ تي ستو پيو آھي . 'لڳي ٿو اونهي ننڊ ۾ آھي , تڏھن ته پاسو به نٿو ورائي', هوء سوچي ٿي ۽ پنهنجي منهن ڀڻ ڀڻ ڪندي چوي ٿي. 'کونگهرا ته اهڙا ٿو هڻي ڄڻ کٽارو چنگچي رڪشا چالو هجي'.

 اميد جا ڪرڻا اڃا به ٽٽا ناهن , سڪل ۽ ٺوٺ زمين تي مينهن ڪڻين جي آس اڃا باقي آھي... من جاڳي پئي, پر نه هاڻي نه جاڳندو. سڄي ڏينهن جو ٿڪيل آھي ۽ اٿندو به ڪيئن اڃا هاڻي ته ستو آھي, ويچارو سڄو ڏينهن ٿو لوھ جو ڪٻاڙ ڪٽيندو آھي ۽  چنگچي تي در در وڃي ڪٻاڙ وٺندو آھي. هاڻي ته چنگچي به اچي کاٽارو ٿي آھي سڄو ڏينهن ڌڪ ڌڪان لڳي پئي هوندي آھي. هر روز ڪيترائي ڳوٺ لتاڙيندو آھي , ويچارو صبوح سويري نڪري ٿو ۽ سج لٿي کانپوء ئي موٽي ٿو. سارو ڏينهن هڻ هڻان ڪري ۽ رات جو وري ... پنهنجي منهن ڪجهه سوچي شرمائجي وڃي ٿي ... هڪ بي رنگ مسڪراھٽ چپن تي ايندي ايندي غائب ٿي وڃي ٿي. مايوس من ويتر اداس ٿي گرميء جي شدت کي اڃا به وڌائي ڇڏي ٿو. 

رات جي پوئيين پهر به ايڏي گرمي, ڪٿي هي گرمي مونکي ماري نه وجهي. پر مرندا ته اهي آھن جيڪي جيئرا هجن, اسان جهڙيون عورتون ته پيدائشي مئل هونديون آھن جيڪي رڳو ساه کڻنديون آھن. جڏھن ڄايوسين ته مائٽن پنهنجو نه ڪيو. وڏيون ٿيوسين ته پنهنجي ڪلهن تان بار لاهي ويلو ٽڪر بچائڻ لاء شينهن ڪلهي چاڙھي ڇڏيائون . جمعاڻي چنڊاڻي به سار نٿا لهن ته مري ويئي يا جيئري آھي, ڄڻ ناڪاره جناور هياسين جن کي ھڪلي پاڻ آجا ٿي ويا. 

هاڻي ته ساه ئي نٿو کڄي,  لڳي ٿو صبوح ٿيڻ واري آھي . اها اڀاڳي صبوح ته هرروز ٿيندي آھي . اسان جي ڀاڳ جي صبوح الاء ڪڏھن ٿيندي. 'ساران' جي ڀاڳ جهڙي صبوح ! ساران جيڪا هن جي ساهيڙي به آھي ته همراز به آھي. ڏينهن جو ڳپل حصو ان سان روح رهاڻيون ۽ ٻين جو گلائون ڪندي ئي گذرندو آھي . 'ساران'  ئي کيس ٻڌايو هو ته اصل پيار ڪيئن ۽ ڪهڙو ٿيندو آھي, جڏھن زندگي آرس موڙي جاڳندي آھي ۽ تن جي تڙپ پيار لاء واجهائيندي آھي, تڏهن ساران جو مڙس زال جي انگ انگ ۾ پنهنجي چپن ۽ زبان ذريعي ڄڻ ته باه ٻاري ڇڏيندو آھي ۽ ڳپل وقت ايئن ڪرڻ کانپوء ان کي پيار جي پاڻي جو ريج ڏيئي ٿڌو ڪندو آھي ته هن جي تن و بدن ۾ خوشي ۽ مسرت جا گل ڦٽي پوندا آھن.

ساران جڏھن هن سان اهي ڳالهيون ڪندي آھي ته هن جو انگ انگ سڙڻ لڳندو ۽ مايوسي جي بي پاڙي ول هن جي وجود کي ويڙھي ويندي آھي . 

'ها....ء! مون اڀاڳي جي اهڙي قسمت ڪٿي', ٿڌو شوڪارو ڀري ٿي.  

هوء وري سوچي ٿي , "ساران جو مڙس ماستر آھي , گهڻو ڪري واندو هوندو آھي , ڪڏھن ڪڏھن اسڪول ويندو آھي نه ته اڪثر گهر ئي هوندو آھي". پر منهنجو مڙس ته ويچارو سڄو ڏينهن تتل ڪاڙهي ۾ ڏيل ڏکوئي مزوري ڪري ٿو , اڌ مئو ۽ ساڻو ٿي گهر موٽي ٿو, پوء ھن مان اهڙي پيار جي توقع... هن جاخيال ٽٽن ٿا, هوا جو هلڪو جهونڪو هن جي بدن کي ڇهي گذري وڃي ٿو , پگهريل جسم کي هڪ لمحي لاء هلڪي راحت ملي ٿي. 

 هوا جو جهونڪو آيو هليو ويو , وري اهائي گهٽ اها ئي گرمي ... اندر جي به ٻاهر جي به... مڙسينهس کٽ تي پاسو ورائي ٿو , پراڻي کٽ مان هلڪو چيکٽ جو آواز اچي ٿو . هڪ اميد اندر ۾ ڪر موڙي ٿي, هاڻي اٿندو پر هو نٿو اٿئي ۽ آس وري به نراس جي چکيا تي لٽڪي پوي ٿي .

 ڪڏھن ڪڏھن هن جو ٻيو دفعو به خيال ٿيندو آھي , هوء پنهنجي منهن ڀڻڪي ٿي. پر اهو خيال ته هن جو ئي هوندو آھي. عورتن جا به ڪي خيال ٿيندا آھن ڇا !? عورتون ويچاريون ته فقط ٻين جي خيالن جو پورائو ڪنديون آھن. هوء پنهنجي جوڀن ۾ جلندڙ بت تي هٿ ڦيري ٿي, هٿ هيٺ کان مٿي تائين گردش ڪن ٿا هن جي جسم ۾ لرزش پيدا ٿئي , هلڪو مٺڙو سواد پوري جسم ۾ ڦھلجي وڃي ٿو. خواهش جي شدت وڌندي وڌندي جذبات بي قابو ٿيڻ لڳن ٿا. مجبور ٿي ڪمري کان ٻاهر اچي مڙس کي اٿارڻ جي ڪوشش ڪري ٿي پر هو نٿو اٿئي. مايوسي , بيوسي ۽ لاچاري, پورو ڏيل ڏکندو محسوس ٿئي ٿو. ٿوري دير اڳ هن جي مڙس به ته اٿاريو هو هن کي ڀريء ننڊ مان هر روز جيان. وٺي اندر ڪمري ۾ ويو, هوء ته اڃا اڌ ستل هئي , جيستائين اکيون مهٽي جاڳي تيستائين مڙسينهس پنهنجو ڪم لاهي وڃي ستو , ارمان جاڳيا ئي مس ته مسافر اڳيئي موڪلائي هليو ويو. دل ۾ هڪ واري خيال ٿيو ته ڇڪي اٿاريانس ... ٻي گهڙي اهو خيال بدلجي ويو ڪٿي ڪاوڙجي وجهي نه موچڙي ۾ ھٿ ... هو اڳيئي چوندو آھي ته ' ماين کي ته ڪم ڪار آھي ئي ڪو نه, سڄو ڏينهن وانديون ويٺيون آھن پوء رات جو ڍئو ٿئي ئي ڪونه' ...  

اچانڪ من ۾ ڪو خيال اچي ٿو  ... کن پل لاء سوچي ٿي, پر دل نٿي جهلي. گناه ۽ سزا جو خوف هن کي ايئن ڪرڻ کان روڪي ٿو. نيٺ کٽ تي مڙس جي پاسي کان ليٽي پئي ٿي , سمهڻ جي ڪوشش ڪري ٿي پر ننڊ نٿي اچي. گرمي آھي سا گهٽجڻ بجاء وڌندي وڃي ٿي , پيٽ ۾ هلڪا هلڪا وٽ پون ٿا, ٿوري دير کانپوء کٽ تان اٿي پاڻيء جو لوٽو کڻي ٻاهر نڪري وڃي ٿي حاجت جي خيال سان. 

مسجد جي ٻاهران گذرندي هڪ دفعو وري اهو ئي خيال موٽي ٿو اچي , رڪجي بيهه ٿي رهي. 

نه نه هي گناه آھي ,

الله ڏسي پيو . 

ٻيو ته مڙس کي خبر پئي ته اهو ڪهاڙي جا ڌڪ ئي ٻه ڪندو 

 ڊپ , خدا جو ڊپ , موت جو ڊپ , بدنامي جو ڊپb

 پر انهن سڀني خوفن تي حاوي فقط هڪڙي خواهش, مسجد جي مک دروازي ڏانهن وڌي ٿي , من ۾ موجود م ڊپ ۽ گناه جو احساس روڪڻ جي ڪوشش ڪن ٿا پر نه خواھش غالب آ , اها پيرن کي اڳتي ڌڪيندي وڃي ٿي .

مسجد جي مک دروازي مان داخل مولوي جي هجري ڏانهن وڌي ٿي, مولوي جي باري ۾ ھن اڳيئي گهڻو ڪجهه ٻڌو آھي . ڳوٺ جو اڪثر مايون مولوي جي تعريف ڪندي نه ڍاپنديون آھن . سندس ساهيڙي ساران ڪلهه ئي ڳالهه پي ڪيائين ته ولوء جي زال ڪريمان ته مولوي سان ڦٽل آھي , ٻيون به الاء ڪيتريون آھن جيڪي مولوي کي واٽ ويندي ڏسي پيون ٺرنديون آھن.

 هجري جو دروازو بند آھي . هوء هجري ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪري ٿي , رستي ۾ پيل سر تان ٿاٻڙجي وڃي ٿي. ڪرندي ڪرندي ذري گهٽ بچي ٿي, پاڻيء جو لوٽو هٿ مان ڇڏائجي وڃي ٿو, هلڪي آواز تي مولوي صاحب جاڳي پئي ٿو . شايد هو انهن آوازن جو اڳيئي هيراڪ آھي. اچانڪ هجري ۾ اندر بتي ٻري ٿي , مولوي اندريون ڪڙو کولي هلڪي آواز ۾ سڏ ڪري ٿو ' "ڪريمان اندر اچ"

  هن کي جهٽڪو لڳي ٿو ,سندس پير ئي نٿا کڄن , ايئن ٿو لڳي ڪنهن مڻين وزني پٿر هن جي پيرن ۾ ٻڌي ڇڏيو هجي. مولوي صاحب ڪجهه گهڙيون انتظار ڪري ٿو ۽ پوء بتي کڻي ٻاهر اچي ٿو . بتيء جي روشنيء ۾ ھن کي ڏسي ٿو جيڪا اڃا تائين بت بڻي بيٺي آھي , کيس سمجهه نٿو اچي ته ڇا ڪري !

 مولوي هن کي ڏسندي ئي پهرين ته ڇرڪجي ٿو وڃي پر پوء پاڻ سنڀاليندي هن کي ٻانهن مان وٺي اندر هجري ۾ اچي ٿو ۽ اندريون ڪڙو هڪ دفعو ٻيهر بند ٿي ٿو وڃي. اندر هجري ۾ بجلي جو پکو هلي پيو , پکي جي هوا ۾ هن کي فرحت محسوس ٿئي ٿي ۽ پوء اندر جي گرمي جو به انت اچي ٿو ... هوء اٿي شلوار پائي ٿي ... طوفان ٿمجي چڪو آھي , هلڪي هلڪي هوا گهلڻ شروع ٿي آ. صبوح جي ڪرڻن جا آثار به ظاهر ٿيڻ لڳا آھن.

 مولوي صاحب هن کي مسجد جي مک دروازي تي رخصت ڪندي پيار ڀري نگاهن سان چوي ٿو " ايندي ڪر , پنهنجو گهر سمجهي" ... پر مولوي صاحب هي ته الله جو گهر... ڪجهه چوندي چوندي رڪجي وڃي ٿي . هلڪي مسڪراھٽ ھن جي چپن تي وکرجي وڃي ٿي ۽ ھوء مسجد کان ٻاهر نڪري اچي ٿي. 

حاجت پوري ڪري گهر واپس موٽي ٿي ته سندس مڙس اگهور ننڊ ۾ اڃا تائين کونگهرا  پيو هڻي. هوء اندر ڪمري ۾ وڃي , پٽ تي پيل توريء تي ليٽي پوي ٿي, هاڻي نه اندر گرمي آ نه ٻاهر . هر شئي پرسڪون آھي. ايتري ۾ مسجد مان ٻانگ جو آواز اچي ٿو .

'ڪيڏو نه سريلو آواز آھي '. هوء سوچي ٿي 

روزانه ته هي ٻانگ ٻڌندي آھي پوء اڄ ايڏي مٺاس ڇو ڀلا... اڄ ته هن کي ٻانگ جو هڪ هڪ لفظ سريلو ۽ پنهنجي اندر ۾ لهندڙ محسوس پيو ٿئي ... ٻانگ ختم ٿئي ته هوء ڪلمو ڀري سمهي پوي ٿي