World's 1st Sindhi internet magazine

since 2001 in the srvice of Sindhyat

Award winner website SINDHYAT AWARD 2010

Akhil Bharat Sindhi Boli ain Sahit Sabha

Dear viewers, Jai Jhulelal
Sindhigulab.com
is a complete Arbi Sindhi Web magazine, It is the India's first magazine publishing monthly in Sindhi.
Some of its pages you can watch in Devnagari & English also.

21 January 1900

 

Follow us on

Free Sindhi Matrimonials

Regester & make Contact FREE

SINDHIYOG.com

Huge Collection of

Sindhi DVDs & CDs

Sindhi Films, Songs,

Dramas, Programs ...

Click here for LIST

Website developed by

Dilip Tekchandani

e-mail

Sindhi DVDs

& CDs

collection List

Custom Search

PROUD TO BE SINDHI

SINDHI

BOLI

سيتا منھنجي سامھون اچي ويٺي ته مون هن جو هٿ پنھنجي هٿن ۾ ڏنو تہ ھن پنھنجون ڪاريون ڪجليون، وڏيون ۽ ويڪريون اکيون کڻي مون ڏانھن ڏٺو. سندس پنبڻين جا سنھا ڊگھا ڪارا ۽ چھنبدار وار ڄڻ تہ منھنجن اکين جي ماڻڪين ۾ چڀڻ لڳا هئا ۽ پوءِ مون هن وانگر ان ڏينھن پنھنجون نظرون بہ هيٺ جهڪائي ڇڏيون.

سيتا کي چيم؛ سيتا تون هڪ تاريخ آھين ۽ تاريخ هميشہ امر رهندي آھي ۽ مان… نگر ! آھيان… ۽ نگر هميشہ ڊھي يا دٻجي ويندا آھن ۽ پوءِ اُھي تاريخ ۾ اونڌا ٿيل شھر يا مٽي جا ڍير سڏيا ويندا آھن.

سيتا پڇيو: نگر! تون مون کان سواءِ جِي سگھندين……؟

سيتا جي ان سوال تي منهنجي ساھہ کي اهڙي ته سٽ آئي جو منھنجو روح رڙي پيو، ۽ مان تڙپي، ڦٿڪي پيس ۽ پوءِ چيومانس تہ توکان سواءِ تہ مان جيئڻ ئي ڇڏي ڏيندس، ڇو تہ تون منھنجو ساھہ آھين سيتا. ڏٺم تہ هوءَ ڏاڍي ڏکاري ٿي وئي هئي.دل چيو تہ سيتا جي نرڙ تي لڳل ڳاڙھو تلڪ لاهي پنھنجي نرڙ تي هڻي هن کي چوان تہ تون پنھنجو پاڪ وجود منھنجي ميري ۽ وکريل وجود ۾ سمائي ڇڏ تہ جيئن تون ۽ مان هميشہ جي لاء سيتا نگر ٿي وڃون ۽ پوء دنيا جي ڪا بہ طاقت يا تاريخ اسان ٻنھي کي جدا ڪري نہ سگھي، پر سوچيم ت پاڪستان ٺھڻ کان اڳ مان سيتا کي ايترو ضرور چوندس تہ هتان جا ماڻھو جنھن مذھبي جنون، حب الوطنيءَ جي جوش ۽ جذبي سان پاڪستان ٺھڻ لاء جدوجھد ڪري رهيا آھن انھن سمورن ماڻھن جي جذبي ۽ جوش جيترو مون بہ پنھنجي سيني ۾ تنھنجو پيار سمائي توکي حاصل ڪرڻ جي حسرت رکي آھي ۽ جيڪڏھن تون پنھنجي مذھب جي ڪري منھنجي محبت کي ٿڏي مون کان مۡنھن موڙي هتان هندستان هلي ويندينءَ تہ پوءِ مان توکي ڪوبہ مھڻو يا ميار نہ ڏيندس، پر پنھنجي مقدر کي چوندس تہ ڪاش تنھنجو محبت کان سواءِ بہ ڪو مذھب هجي ھان.....

مان انھن سوچن جي ساگر ۾ ٻڏل هيس تہ هن پنھنجو ٻيو هٿ منھنجي هٿ جي مٿان رکي پڇيو: ڇا ٿو، سوچين نگر؟

چيم تہ: مون کي هروڀرو سوچڻ جي بيماري آھي، تہ هن کلي پڇيو تہ : هينئر ڇا پيو سوچين……؟

چيم، مون پنهنجي مالڪ سائينءَ کان اهو سکيو آھي تہ پنهنجي محبوب جو نالو هر ھر نہ وٺبو آ ۽ نہ ئي ان کي رُکي نالي سان سڏبو آھي، سو مان سوچيان ٿو تہ توکي ڪھڙي نانءَ سان سڏيان، جي مان توکي صرف سيتا ٿو چوان تہ بي ادبي ٿي پوندي.

هن وري پڇيو: تنھنجو خدا ٻيو ڇا چوندو آھي……؟؟

چيم: محبوب جي ملاقات کي معراج چوندو آھي

هن چيو: تون ڳالھيون ڏاڍيون سٺيون ڪندو آھين

مون چيو: جيڪي ماڻھو پاڻ کان سواءِ ٻين سان پيار ڪندا آھن اُھي اهڙيون ڳالھيون ڪندا آھن.

هن چيو: دل تہ نٿي چوي. پر مان هنيئر وڃان…؟؟

چيومانس: اھو ڪم هر گز نہ ڪرڻ گھرجي جنھن کان دل روڪي.

هوءَ وڏو ٽھڪ ڏئي کلڻ لڳي چيومانس تہ:  منھنجي محبت مذاق ناهي، جو تون کلين ٿي. اداس ٿي چيائين: پر نگر هڪ ڏينھن تنھنجي منھنجي جدائي تہ ٿيڻي آھي نہ …؟؟

مون رڙ ڪري چيو تہ، نہ کپي مون کي اھڙو ملڪ جنھن جو بنياد ٻن پيار ڪرڻ وارن مان ڪنهن هڪ جي بيوفائيءَ تي هجي ۽ پوءِ مون پنھنجو منھن مٿي ڪري ساڙيندڙ سج کي ڏٺو تہ منھنجي نظر ۾ هيءَ دنيا ڌنڌلي ٿي وئي نگر… ! سيتا منھنجو نالو ورتو تہ ڄڻ ڪنھن مُئل ماڻھوءَ ۾ ساھہ پئجي ويو، هن پڇيو: تون ڇا لکندو آھين……؟؟

مون چيو تہ: مان تاريخ جا ورق لکندو آھيان..

هن چيو: تو ڪڏھن موھن جو دڙو لکيو آھي…؟؟

مون چيو:  ها مون موھن جو دڙو پڙھيو آھي ۽ مڪليءَ جو قبرستان لکيو آھي. هن حيرت مان پڇيو تہ، اھو ڪيئن…؟؟

مون جواب ۾ چيو تہ ”جيڪي ماڻھو اجڙي ويندا آھن انھن کي پڙھبو آھي ۽ جيڪي ماڻھو مري ويندا آھن انھن تي لکبو آھي

سيتا منھنجون ڳالھيون ٻڌي اڪثر اداس ٿي ويندي هئي، چيو مانس تہ ”تون ائين اداس نہ ٿيندي ڪر، منھنجون مايوسيون وڌي وينديون آھن“ اصل ۾ تون منھنجي جيئڻ جو اُتساھہ آھين. سيتا چيو ”نگر سچ پڇين تہ مان اڄ تائين توکي سمجھي ناهيان سگھي…؟؟

مون وراڻيو ”مون کي جيڪي سمجھہ ۾ ناهن ايندا مان انھن کي ماڻھو چوندو آھيان

ھن پڇيو تہ ” تنھنجي نظر ۾ ماڻھو ۽ انسان ۾ ڪھڙو فرق آھي…؟؟

جواب ۾ چيومانس ”تہ جيڪي شعوري طور تي توکي ۽ مون کي جدا ڪرڻ چاهين ٿا، اھي ماڻھو آھن ۽ جيڪي توکي ۽ مون کي لاشعوري طور تي بہ جدا ڪرڻ نہ ٿا چاهين 

اھي انسان آھن

ھن چيو ” تو وانگي تنھنجون ڳالھيون بہ عجيب آھن

مون چيو: سچ تہ اھو آھي سيتا تہ مان ھن دنيا جو ڄڻ ماڻھو ئي ناهيان ۽ مان هن دنيا ۾ ڄمي اھڙو ڦاٿو آھيان جو نہ مان پنھنجي مرضيءَ سان جِي سگھان ٿو ۽ نہ وري پنھنجي مرضيءَ سان مري سگھان ٿو، تڏھن تو منھنجو روح سدائين صليب تي ٽنگيل ڏٺو هوندو.“

سيتا مون کان سوال ڪندي پڇيو ”تون مسلمان آھين نہ…؟؟

مون جواب ۾ چيو ”مان انسان آھيان

هن وري پڇيو ”تنھنجو مذھب اسلام آھي نہ…؟؟

مون وراڻيو ”منھنجو مذھب انسانيت آھي“ ڏٺم تہ هن جي چھري تي اداسيءَ جا عجيب ڪڪر ڇائنجي ويا هئا. پوءِ مون پڇتايو تہ مان ڪيڏو نہ بيوقوف آھيان ! جو هر ڀيري غلط ڳالھہ ڪري پنھنجي روح جي راڻي کي ڏُکارو ڪري ڇڏيندو آھيان، پوءِ مون يڪدم سيتا کي مخاطب ٿي چيو تہ ”چريائپ ۾ چيل منھنجون ڳالھيون تون دل ۾ نہ ڪندي ڪر، سيتا ٻيا ڳالھائڻ کان پھريان سوچيندا آھن ۽ مان ڳالھائڻ کان پوءِ سوچيندو آھيان، تڏھن تہ ڪنھن کي بہ ناهيان وڻندو. هن جي اداس چپن تي چانديءَ جھڙي مرڪ تري آئي ۽ چوڻ لڳي تہ ”پوءِ تون اھڙو ڇو آھين نگر…؟؟!!

جو مون کان سواء ڪنهن کي بہ نہ ٿو وڻين…؟؟

چيو مانس تہ ”چريا پُٽ ڪنھن کي بہ ناهن وڻندا

ٿوري خاموشي کان پوءَ سيتا ٿڌو ساھہ ڀريو تہ منھنجي شرير مان بہ سيھاٽو نڪتو ۽ مون سوچيو تہ سيتا وري پاڪستان جي ٺھڻ ۽ منھنجي ڊھڻ جي ڳالھ ڪندي. ۽ پوءِ

ھن هٻڪي هٻڪي چيو تہ ”نگر! پاڪستان ٺھڻ جي تحريڪ ڏاڍي تيز ٿي وئي آھي،منهنجي پِتا، ماتا کي پئي چيو تہ هاڻي تمام جلد پاڪستان ٺھي ويندو ۽ پوءِ اسان جو پريوار پنھنجن مِٽن ڏي هندوستان هليو ويندو

مون وڏو ٿڌو ساھہ ڀري چيو ”ٺھڻ واري شيءَ ٺھي ويندي 

۽ ڊھڻ واري شيء ڊھي ويندي.

دل چيو تہ چوانس، تہ تون سدائين پنھنجي مِٽن سان گڏ تہ نہ رهندينءَ، تہ پوءِ ڇو نہ تون ۽ مان ڪنھن مسجد يا مندر جي در تي ويھي هڪ ٻئي کي قبول ڪيون، تہ جيئن اسان جي روحن سان گڏ اسان جا جسم بہ ھميشہ لاءِ هڪ ٿي وڃن.پر وري سوچيم تہ هڪ مذھبي ناري هڪ اهڙي انسان سان شاديءَ جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ڪيئن زندگي گذاري سگھندي جيڪو انسان پاڻ ئي پاڻ ۾ ڪنھن واچوڙي وانگر وچڙندو ۽ ويڙھبو رهندو هجي، جنھن جي ڇڙواڳ سوچن کي سالن کان ڪوبہ ساحل نہ ملي سگھيو هجي.

ڀلا سيتا هڪ اهڙي اڌوري وکريل وجود کي سھيڙي بہ ڪيترو سھيڙيندي…؟؟ مان اڄ تائين پنھنجي زندگيءَ هو ڪو بہ فيصلو ڪري نہ سگھيو آھيان. تڏھن تہ مون لاءِ راهون ۽ راتيون ھميشہ هڪ جھڙيون رهيون آھن.

تون دعا ڇو نہ گھرندو آھين……؟؟ سيتا اوچتو سوال ڪيو تہ مان ڇرڪجي ويس پوءِ چيو مانس تہ ”مون وٽ اھڙو ڪو بہ نيڪ عمل ڪونھي جنھن جو مان مالڪ سائين کان ڪو معاوضو گھران ۽ دعا گھرڻ وقت انسان جي دل مطمئن هجڻ لازمي آھي. ۽ مان شايد مرڻ گھڙيءَ تائين مطمئن نہ ٿي سگھان ۽ پوءِ سيتا الائي ڇا سوچي پنھنجون اکيون جھڪائي ڇڏيون ۽ چيائين ”مان سڀاڻي مندر وڃي تنھنجي لاءِ دعا ڪنديس. ان وقت مون پنھنجون ٻئي اکيون ٻوٽي ڇڏيون ۽ پنھنجي من اندر جي مندر ۾ سيتا جي نانءَ جي تسبيح پڙھي پنھنجي بي چين روح کي راحت ڏنم.

ھن منھنجي ڪلھي تي هٿ رکي چيو”تون ايڏو ڇو سوچيندو آھين نگر……؟؟

چيم تہ سيتا سوچون مون کي ورثي ۾ مليون آھن، مان نہ چاهيندي بہ هروڀرو سوچيندو رهندو آھيان“ ان وقت سيتا سُري وڌيڪ منھنجي ويجھو ٿي ويٺي تہ منهنجي اندر جي موسم مٽجي وئي، دل جي بيقرار ڌڙڪنن ۾ برھہ جي بھار اچي وئي تہ هن منھنجن وارن ۾ هٿ ڦيريندي چيو ”تنھنجا هيءُ وکريل وار ۽ وڏي ڏاڙھي ٻڌائن ٿا تہ من ۾ ڪا مونجھہ اٿئي …؟؟ چيو مانس تہ جيڪي ماڻھو ڏينھن جا ڏنگيل ۽ راتين جا رولاڪ هوندا آھن اھي اھڙا ئي هوندا آھن هوءَ مون تي ناراض ٿيندي چوڻ لڳي ”تون هر وقت مايوسين ۽ محرومين جي محور ۾ ڇو رهندو آھين…؟

چيومانس تہ ”تون اڄ مون کي هڪ ڳالھہ جو جواب ڏي تہ جنھن ماڻھوءِ کي پنھنجي موت جي مقرر وقت جي خبر هجي تہ ان ماڻھوءَ کي ڪئين هجڻ گھرجي…؟؟

تہ يڪدم هن تڙپي چيو …”پر نگر توکي ڪير ۽ ڇو ماريندو …؟؟ جو تون ان وھم ۾ ايڏو وڪوڙجي ويو آھين…؟؟ تون تہ نگر نہ پر ڏونگر آھين ۽ ڏونگر تہ ڏاڍا مضبوط هوندا آھن“ هن کي جواب ۾ چيم تہ ”جانيءَ جي جدائيءَ تي تہ جبل بہ پنھنجي جاءِ ڇڏي ويندا آھن

هن چيو تہ ”هڪ ڳالھہ چوانءِ نگر ”تون پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪر

وراڻيم تہ ”نگر، نينھن نظارا ۽ نغارا ناهن مٽبا. نالا نظام ۽ نعرا مٽبا آھن ۽ قدرت جي ڏنل فطرت ۾ ڪڏھن بہ فرق ناهي ايندو. بس تون اڄ مون کي ايترو ٻڌاءِ سيتا تہ تون نگر جي ننڊ جو ڪو سپنو آھين يا نگر جي نيھن جي ڪا سچي ساڀيان……؟؟

هوءَ پريشان ٿيندي چوڻ لڳي تہ تنھنجون ڳالھيون منھنجي سمجھہ کان مٿي آھن نگر

۽ پوءِ مون لڇي پُڇي چيومانس ”تہ منھنجو هجڻ بہ تنھنجي هجڻ سان آھي. تہ پوءِ تون هينئر اهو ٻڌاءِ سيتا تہ تون ڀٽائي سرڪار جي بيتن ۽ سۡورمين جو سندۡور پنھنجي ماٿي لائي ۽ بلاول سائينءَ جي هڏن جو سرمو پنھنجي اکين ۾ پائي، سچل سرمست جي فڪر جي فقيرياڻي، مرشد قلندر شھباز جي ڪلنگياڻي ۽ قلندرياڻي بڻجي هيءَ سنڌ ڌرتي نہ ڇڏيندينءَ ۽ نگر جي نگري نہ ڇڏيندينءَ. مون سان ئي جيئندينءَ ۽ مون سان ئي مرندينءَ.

ان وقت مان پنھنجي محبت جي انتھا تي پھچي چُڪو هيس،دل ۾ سوچيم تہ اڄ منھنجي قسمت جو ڪو نہ ڪو فيصلو ٿي ويندو.سيتا مونکي پنھنجو جيون ساٿي بڻائي مون سان گڏ ھميشہ سنڌ ۾ رھي پوندي يا وري منھنجي جيون ۾ پنھنجي جدائي جو عذاب اوتي هوءَ ھميشہ لاء ھندستان هلي ويندي. هن کي ڏٺم تہ هوءَ حد کان وڌيڪ اداس ٿي وئي هئي، هن جي چھري تي ڪشمڪش جون لڪيرون چٽيون نظر اچي رهيون هيون ۽ مون محسوس ڪيو تہ ڄڻ هوءَ پاڻ کي ڪنھن فيصلي ڪرڻ لاء آماده ڪري رهي هجي. ايترو چوڻ کان پوءِ مون چپ رهڻ ئي بهتر سمجھيو ۽ مان چپ رهيس، پوءِ نيٺ هن وڏو ساھہ کڻي پنھنجي خاموشي ختم ڪئي چوڻ لڳي ”مون کي رت جي رشتن جو تقدس بہ تہ تو ئي سيکاريو ۽ سمجھايو آھي نہ نگر……؟؟ 

تون ئي تہ چوندو آھين نہ تہ پنھنجي ماتا پتا، گيتا ۽ پريوار جي ڪڏھن بہ بي ادبي ۽ بي حرمتي نہ ڪجانءِ ڪڏھن بہ انھن جو روح نہ رنجائجانءِ.

نگر مون تہ تنھنجا ڏنل ڀاشن ڪڏھن بہ ناهن وساريا ۽ تنھنجا پڙھايل سڀ سبق پنھنجي هنيانءَ سان هنڊائي انھن تي ئي حياتيگذاري آھي۔

ڏٺم تہ سيتا جي ڪارين ڪجلين اکين جي ڪنڊن مان ڪي  ٻہ لڙڪ لڙي ڳلن تي ڳڙيا تہ مون هن جي چھري تان پنھنجون نظرون هٽائي هيٺ جھڪائي ڇڏيون ۽ دل ئي دل ۾ پاڻ کي مفاد پرست سمجھڻ لڳس ۽ پنھنجي نظرن ۾ پاڻ کي ڪريل محسوس ڪري رهيو هئس تہ هن چيو……

نگر تون پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ اسان سان گڏ هندوستان ڇو نہ ٿو هلين……؟؟ هونئن بہ تہ تون هتي اڪيلو آھين نہ …؟؟ جيڪڏھن تون اسان سان گڏ هلندي تہ پوءِ مان ماتا ۽ پتا کي پنھنجي شاديءَ لاءِ بہ راضي ڪري وٺندس

مون چيو ”ها مان هتي آھيان تہ اڪيلو پر مون تي هن ڀلاري ڀونءِ جا وڏا بار آھن ۽ مون جھڙا اصول پرست ماڻھو انا پرست سمجھيا ۽ سڏيا ويندا آھن، تنھن ڪري تون هڪ انا پرست انسان کي ڌرتيءَ جو غدار ٿيڻ جي گار نہ ڏي

پوءِ مان اتان اٿي وڃي سيگريٽ دکايو ۽ وڏو ڪش هڻي دونھين سان پنھنجو وات ڀري وري سمورو دونھون آسمان ڏانھن اڏاري ڇڏيم تہ هوا ۾ ڇڏيل منھنجو دونھون بادل بڻجي منھنجي ئي مٿان بيٺو ۽ پوءِ منھنجن احساس ۽ اميدن وانگر ڀڄي ڀۡري ۽ کنڊڙي وکري ويو.

سيتا اٿي اچي منھنجي ڀر ۾ بيٺي ۽ چيائين ” نگر تون ايڏا سگريٽ ڇو پيئندو آھين……؟؟ 

مون چيو ”سگريٽ مون کي پيئندا آھن

تہ هن چيو ”تون ابتا جواب ڇو ڏيندو آھين……؟؟

چيم ”مون وٽ هر سوال جو جواب ناهي هوندو

سيتا چيو ” خبر اٿئي نگر تہ مان جڏھن بہ مندر ويندي آھيان تہ تنھنجي سک ۽ شانتيءَ جي لاءِ دعا گھرندي آھيان“ سيتا جي ان ڳالھہ تي مان مرڪي پيس ۽ چيو مانس تہ ”سيتا مون تي صرف بددعائن جو اثر ٿيندو آھي، اڄ تائين نہ منھنجون دعائون قبول ٿيون آھن نہ وري ڪڏھن مون کي ڪنھن جون دعائون لڳيون آھن. منھنجي امڙ بہ پنج وقت نماز پڙھي ۽ قرآن شريف جو دور ڪري مون کي ڏاڍيون دعائون ڪندي هئي تہ مان وڏي ڄمار ماڻيندس، ڪو ڏُکيو ڏينھن نہ ڏسندس، مون کي ڪو ڪوسو واءُ نہ لڳندو ۽ مان ڳاڙھي ڪنوار ماڻيندس.

ائين چئي مان پاڻ پنھنجي ڳالھہ تي وڏو ٽھڪ ڏئي کلڻ لڳس تہ هن پڇيو تہ ۽ تنھنجو پتا توکي ڇا چوندو هُيو…؟؟

مون وراڻيو”اُھو مون کي سدائين سچ چوندو هيو، هو چوندو هيو تہ مان مسلمان ناهيان ڪو ڪميونسٽ يا ناستڪ آھيان جو پاڪستان ٺھڻ جي حمايتي ناهيان ۽ نہ وري مان ڪوڙن پيرن فقيرن ۽ عاملن يا انھن جي ڦيڻن ڦندن کي مڃان ٿو. مان هن دنيا جو هڪ فضول فالتو، ناڪام ۽ ناڪارا انسان آھيان جنهن جي جيئڻ جو ڪو بہ مقصد يا منزل ڪونهي.

منھنجي بابي شايد ئي مون کي صحيح سڃاتو هيو ۽ مان بابي کي نہ سمجھي سگھيو هيس جو هن جي هر عمل ۾ مون کي مذھبي انتھا پسندي، ملائيت ۽ رشتن سان روين جي سختي نظر ايندي هئي.

حقيقت ۾ تہ اڄ تائين مون کي پنھنجي زندگي گذارڻ جو هنر ئي هٿ ڪون آيو آھي،

باقي مون کان سواءِ سڀ ماڻھو وڏا هوشيار ۽ هنر مند آھن

سيتا مون پنھنجي زندگيءَ ۾ سڀ ڪجھہ وڃايو آھي پر مون لاهوتي بڻجي اهو لازوال لال لڌو آھي جيڪو مون لاءِ مذھبن کان مٿاهون آھي.

مون پنھنجي من کي تنھنجي مقدس محبت جا مرجان پارائي پاڻ کي مست الست ۽ امر ڪري ڇڏيو آھي.

هاڻي منھنجو مذھب محبت آھي ۽ مان سنڌ ڌرتيءَ جي صوفين جو تسلسل آھيان۔ ۽ پوءِ هوءَ ڪيترو ئي وقت منھنجي منھن ۾ نھاريندي رهي ۽ نيٺ مرڪندي چيائين ”مان سوچيندي آھيان تہ توکي نگر نہ پر جادوگر چوان، تنھنجا لفظ ڏاڍا خوبصورت هوندا آھن“ مون چيو ”پر توکان وڌيڪ خوبصورت نہ هوندا، سيتا جيڪڏھن مون کان ڪير پڇي تہ تنھنجي تصور ۾ جنت ڪيئن ۽ ڪھڙي هوندي تہ مان چوندس تہ منھنجي سيتا جھڙي هوندي

هوءَ وڏا ٽھڪ ڏئي کلڻ لڳي ۽ چيائين تہ ”تون واقعي ئي پنھنجو دشمن پاڻ ٿيو آھين.

نگر ڏسين ٿو تہ هن وقت ملڪ ۾ ڪيڏي مذھبي انتھاپسندي هلي رهي آھي ۽ تون وري اهڙيون عجيب ۽ غريب ڳالھيون پيو ڪرين، ڪير ٻڌي نہ وٺئي……؟؟“ چيو مانس تہ ”اسان جا مولوي مون جيترا چريا ڪونھن جو ھڪ مئل ماڻھوءَ کي ماريندا

هن چيو ”ڪجھہ بہ آھي نگر پر تون مون کي ڏاڍو پيارو آھين ۽ سڄي دنيا کان مختلف ۽ منفرد آھين،،چيو مانس ”دنيا جا عجوبا اهڙا هوندا آھن ۽ مان توکي وڻان ٿو اها وڏي ڳالھہ آھي نہ تہ مون جھڙا سر ڦريا ماڻھو تہ مالڪ سائينءَ کي بہ ناهن وڻندا

چيائين هڪ سچ ٻڌائيندين……؟؟

چيو مانس تہ سچ ٻڌائبو ناهي، ڳالھائبو آھي ۽ مان ھميشہ سچ ڳالھائيندو آھيان

هن نخرو ڪندي چيو ”توسان ڳالھين ۾ ڪير پڄندو، مون توبھہ ڪئي

مون چيو ”نہ نہ چئُہ ڇا ٿي چوڻ چاهين……؟؟

هن پڇيو ”نگر ڇا تون پنھنجو الڳ مسلمان ملڪ ٺھڻ تي خوش ناهين……؟؟

مون جواب ۾ چيو تہ ”قومي اڻبرابري ۽ مذھبي انتھاپسندي ڪري اٻوجھہ ماڻھن کي ابتيون سبتيون ۽ پنھنجي مقصد جون آيتون ۽ ڳالھيون ٻڌائي گمراھہ ڪري ملڪ ٺاھڻ وارا ٺڳ ماڻھون هن ڌرتي جي اصلي وارثن کي هن سنڌ مان لڏائي پوءِ انھن جي ملڪيتن تي قبضا ڪري نام نھاد وڏيرا 

۽ ڀوتار بڻجن ٿا چاهين. انھن شاطر ماڻھن جي اھڙي شيطاني سوچن، ٺڳيءَ جي ٺاهن، فيصلن، فتوائن، روين ۽ روايتن جي مان مذمت ۽ مخالفت ٿو ڪيان ۽ منھنجي نقطءَ نظر ۾ پهريون ۽ آخري مذھب انسانيت جو آھي ۽ ملڪ مذھب نہ بلڪ انسانيت جي برابريء واري بنياد تي ٺھڻ گھرجن پر منھنجي ائين سوچڻ يا چوڻ سان اهو سڀ ڪجھہ ائين ٿي نہ پوندو ڇو تہ جتي سوين سالن کان رياستي ۽ طبقاتي غلامين جو سلسلو رهيو هجي ۽ جتي حقن کي ھميشہ وھہ جا وٽا پياريا ويا هجن يا ڪفر جون ڪوڙيون فتوائون جاري ڪري جيئري انسانن کي گھاڻن ۾ پيڙھائي يا وري گوليون هڻائي شھيد ڪيو ويو هجي، اتي مساوات ٿيڻ مشڪل نہ پر ڄڻ ناممڪن آھي ۽ مان مذھبي پابندين جو منڪر آھيان، تڏھن تہ مون هڪ هندو ناريءَ کي پنھنجن سمورن جذبن، احساسن، ارمانن، اميدن، الفتن ۽ چاهتن سان چاهيو آھي.

سيتا تون سمنڊ جي گھرائي، زمين ۽ آسمان جي اوچائي تہ ڄاڻي سگھين ٿي پر منھنجي اندر ۾ پنھنجي بي پناھہ پيار جو اندازو بہ نہ لڳائي سگھين.

مان جذبات ۾ اچي اهو سڀ ڪجه چئي پوءِ چپ ڪري ويھي رهيس پر پوءِ مون ڏٺو تہ سيتا جي سندر ۽ چنڊ جھڙي چھري تي ڄڻ چاليھي جي باھہ ٻري پئي هجي. 

هوءَ سندر تہ هُئي پر ان وقت سڄي ڳاڙھي ٿي وئي هئي ۽  ھن جي اھڙي عجيب ڪيفيت ڏسي مان پاڻ پريشان ٿي ويس ۽ اندر ۾ پڇتائڻ لڳس تہ مون سدائين پنھنجي سيتا کي سواءِ ڏکن ۽ سورن جي ٻيو ڪجھہ بہ ناهي ڏنو.

مان اھو بدنصيب نگر آھيان جيڪو محبت ۾ مري ۽ ڪنھن کي ماري تہ سگھي ٿو پر پيار ۾ پاڻ جِي يا ڪنھن کي جيئاري نہ ٿو سگھي. مان پاڻ تي وڏي ڪاوڙ ڪري رهيو هيس تہ سيتا جو ٿڌڙو آواز ٻڌم، هن چين ۾ چيو نگر مونسان ايتري محبت نہ ڪر مان ھميشہ امتحانن جي ڪچي رهي آھيان، منھنجي جيئڻ ۽ مرڻ جا سڀ حق ۽ واسطا ۽ فيصلا منھنجي ماتا ۽ پتا جي هٿ ۾ آھن.

مون ڪڏھن بہ آزاد خود مختيار ٿي پاڻ ڪجھہ ڪرڻ جي ڪوشش بہ نہ ڪئي آھي. توسان پيار ڪرڻ تہ منھنجي وس ۾ آھي پر توکي حاصل ڪرڻ منھنجي هٿ ۾ ناهي.ڇو تہ مان هڪ هندو مذھب گھراڻي جي ناري آھيان ۽ اسان جي ريتن رسمن ۾ جڏھن هندو ناريون پنھنجي مرضيءَ سان مذھب مٽائي پيار جو پرڻو ڪنديون آھن تہ پوءِ اهي پنھنجي ماتا پتا يا پريوار جي لاءِ ھميشہ ھميشہ لاءِ مري وينديون آھن ۽ تنھنجي سيتا اهڙو موت مرڻ نٿي چاهي نگر.

مون رڙ ڪندي چيو تہ ”سيتا مان تو لاءِ هندو ٿي توسان لائون لھڻ لاءِ تيار آھيان پر توسان گڏ هندوستان هلڻ لاءِ تياي ناهيان ڇو تہ مان بي مذھب ٿي تہ مري سگھان ٿو پر 

مان پنھنجي ڌرتيءَ جو مياري ٿي مرڻ ڪڏھن بہ قبول نہ ڪندس ۽ پوءِ هوءَ ويندي ويندي چوڻ لڳي تہ پوءِ دعا ڪر نگر تہ پاڪستان نہ ٺھي. ۽ مون پٺيان رڙ ڪري چيومانس تہ سيتا منھنجون دعائون قبول ناهن ٿينديون

نيٺ ائين ئي ٿيو 14 اگسٽ 1947ع تي هندوستان جو ورهاڱو ٿيو ۽ ٻہ ملڪ ٺاهيا ويا۔ پاڪستان ۽ هندوستان. ماڻھن ۾ مٺايون ورهايون ويون، ننڍن وڏن شھرن ۾ جشن جھمريون ۽ ريليون ڪڍيون ويون،

سواءِ هندو برادري جي ۽ انھن جي همدردن جي هتي ٻيو هر ڪو ڏاڍو خوش ھيو. هتي هڪ طرف هندن جي لڏ پلاڻ شروع ٿي وئي هئي تہ ٻئي طرف وري انھن جي ملڪيتن تي ڏينھن ڏٺي جو ڌاڙا ۽ قبضا ٿيڻ شروع ٿي ويا هئا.هزارين سالن کان گڏ رهندڙ هندو هڪ گھڙيءَ ۾ هر ڪنھن لاءِ غير ٿي ويا .

سيتا جي اسٽيشن هندو ڀائرن جي لڙڪن ۽ سڏڪن سان ۽ مسلمان ڀائرن جي ٽھڪن سان گونجي رهي هئي.

هڪ طرف ڏک جي تہ وري ٻئي طرف خوشيءَ جي انتھا هئي، ائين لڳي رهيو هيو تہ ڄڻ هڪ گھر ۾ شاديءَ جون شادمانيون هيون تہ وري ٻئي گھر ۾ موت تي ماتم ٿي رهيو هيو،

هندو پنھنجي پاڙي وارن، دوستن ۽ سڄڻن سان ڀاڪر پائي اوڇنگارون ڏئي، پار ڪڍي روئي موڪلائي رهيا هئا، ان وقت ڄڻ ڪو قدرتي وڇوڙو هيو جو هر ڪو وڇڙي رهيو هو، سڀ ڪو روئي رهيو هيو پر ڪجھہ شر پسند شاطر شيطان ماڻھو پنھنجي فتح تي خوشيون ڪري پنھنجي ڪوڙي انا تسڪين ڏئي رهيا هئا.

مان سوچيندو آھيان تہ آخر انسان سڀ ڪجھہ صرف پنھنجي مفاد لاءِ ڇو ڪندو آھي……؟؟

سنڌ تہ ڇا هاڻوڪي پوري پاڪستان مان هندو برادريءَ جون ڀريل ريل گاڏيون پنھنجي منزل طرف روانيون هيون،

مون انھن هندن جي اداس چھرن ۽ آلين اکين جي لڙڪن ۾ لڪيل اهو ڏک ڏٺو پئي جيڪو هُو هِن ڌرتيءَ جي وڇوڙي جو ڏنل ڏاج سمجھي هتان کڻي وڃي رهيا هئا.

سيتا جي اسٽيشن تي اچي ڏٺم تہ سيتا کي بہ سنڌ ڌرتي ڇڏڻ جو اوترو ئي ڏک هيو جيترو هڪ نياڻيءَ کي شاديءَ وقت پنھنجي ماءُ پيءُ جي گھر ڇڏڻ جو هوندو آھي.

سيتا جون نظرون بہ ڄڻ ڪنھن کي ڳولي رهيون هيون ۽ جڏھن هن جي نظر مون تي پئي تہ هن جي نظرن جي تلاش ختم ٿي وئي، هن مون کي ڏٺو تہ ڏسندي ئي رهجي وئي ۽ پوءِ مان بہ پنھنجون نظرون سيتا جي چھري تي بيھاري ڪو بي جان بت بڻجي بيھي رهيس ۽ ان وقت منھنجن اکين جي عڪس ۾ سواءِ پنھنجي سيتا جي ٻي ڪا بہ تصوير ڪو نہ هئي، سوچيم تہ اڄ سيتا جو آخري ديدار آھي ۽ مان ھاڻي وري ڪڏھن بہ اهو ثواب ڪمائي نہ سگھندس، سيتا جي اها سھڻي صورت ۽ سيرت هينئر ھميشہ جي لاءِ مان پنھنجي ساھہ ۾ سمائي ڇڏيان تہ جيئن اهو تصور سڄي زندگي منھنجي جيئڻ جو سھارو، قبر ۾ منھنجو سڪون ۽ قيامت ۾ منھنجي ڇُوٽڪاري جو سبب ٿي پئي.

مون ڏٺو تہ سيتا ان مھل بہ اشارن ۾ مون کي اهو چئي رهي هئي تہ مان انھن جي خاندان جو حصو ٿي پوان ۽ مان بہ هڪ پل لاءِ پنھنجي عشق جي آتش جي جذبات جي وهڪري ۾ وهي اهو سوچڻ لڳس تہ ٻن پيار ڪندڙن کي وڇوڙي جو وھہ پياريندڙ طاقتن جو اڄ تخت تاج ڪيرائي سيتا سان گڏ ھميشہ جي لاءِ هندوستان هليو وڃان پر دل چيو تہ نہ نگر ! ڌرتيءَ جا دودا ۽ دلير پٽ، پيار جي ڪري پنھنجو ديس ناهن ڇڏيندا.

پوءِ مڃيم تہ سيتا منھنجي محبت آھي پر سوچيم تہ سنڌ منھنجي ماءُ آھي ۽ ماءُ کي ڪنھن بہ صورت ۾ ناهي ڇڏبو.

 

                             ((((ختم ٿي))))

 

#ڪتاب_جھڙي_سنڌ_تھڙي_سيتا_تان_ورتل

#ليکڪ_منظور_سيتائي

سيتا_روڊ

دادو_     

 

سيتا منھنجو ساھه

 

ڪهاڻي