World's 1st Sindhi internet magazine

since 2001 in the srvice of Sindhyat

Award winner website SINDHYAT AWARD 2010

Akhil Bharat Sindhi Boli ain Sahit Sabha

Dear viewers, Jai Jhulelal
Sindhigulab.com
is a complete Arbi Sindhi Web magazine, It is the India's first magazine publishing monthly in Sindhi.
Some of its pages you can watch in Devnagari & English also.

21 January 1900

 

Follow us on

Free Sindhi Matrimonials

Regester & make Contact FREE

SINDHIYOG.com

Huge Collection of

Sindhi DVDs & CDs

Sindhi Films, Songs,

Dramas, Programs ...

Click here for LIST

Website developed by

Dilip Tekchandani

e-mail

Sindhi DVDs

& CDs

collection List

Custom Search

PROUD TO BE SINDHI

SINDHI

BOLI

مقالو

ڀارت ۾ سنڌي ساهت ۽ ثقافـتي ورثي جو بچاءُ

واسديو موهي

         

 

        اڄ جيڪڏهن سنڌي ساهت جِي ڳالهه ڪجي ته چئي سگهجي ٿو ته هر سال سوَن ۾ ڪتاب شايع ٿين ٿا. خوشي ٿيڻ کپي، جي خوشي نه ته سنتوش ته ضرور ٿيڻ گهرجي. آخر اسين بنا پرديش جا بندا آهيون، اسان جا سنڌي اِسڪول فقط آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس وڃي رهيا آهن، باوجود  اِن جي چڱي انداز ۾ ڪتابن جو ڇپجڻ ترقيءَ جي نشاني ئي مڃي ويندي، پر مونکي اِئين لڳندو آهي ته اِها ترقي فرضي (pseudo)  آهي. دراصل اُنهن ڪتابن جي پهچ به بدقسمتيءَ سان ڳاڻ ڳڻين پاٺڪن تائين هُجي ٿي. اِن حالت ۾ اسانکي مڃڻو ئي  پوندو ته سنڌي ساهت جِي ريڊرشِپ ڀارت ۾ قياس جوڳي آهي.

        مان مڃيندو آهيان ته اسانجو ساهت عالمي (گلوبل) سطح جو آهي. اِن معاملي ۾ مونکي ڪا به خوشفهمي ڪانهي، مان حقيقت پرست شخص آهيان، ۽ منهنجي اِن پُختي وشواس پُٺيان منهنجو  الڳ الڳ ٻولين جي ساهت جو اڀياس آهي. اسان وٽ اسانجو شاهه سائين ته ويٺو ئي آهي، پر ٻين شاعرن ۽ ليکڪن جو ساهت به اسانکي فخر جو احساس ضرور ڏيندو. ڀلي ڪا ورلڊ ڪلاس شاعري کڻو يا ورلڊ ڪلاس نثري ساهت ـ افسانوي توڙي غيرافسانوي (فِڪشن توڙي نان فِڪشن) دوستو، توهان سنڌي ساهت مان نراش نه ٿيندا.  

        هاڻي سُوال ٿو اُٿي ته اهڙي ورلڊ ڪلاس ساهت جِي پهچ صرف ڪِن محدود شخصن تائين رهجي وڃي ته اِها هڪ ٻي بدقسمتي ليکبي. اُنجو حل ڇا تي سوچينداسين ته ڪي طريقا اسان سامهون اُڀري ايندا. اِن ڏِس ۾ جديد (ماڊرن) وسيلا ڪرشما ڪري سگهڻ جِي صلاحيت (capability) ـ رکن ٿا. ۽ اهڙو هڪ وسيلو آهي ساهت جو ڊِجيٽائزيشن ۽ اُنکي وري ڪِن تڪنيڪي طريقن سان ڊِجيٽلائزيشن ذريعي محفوظ ڪرڻ. اِن عمل کي سولي ٻوليءَ ۾ اِئين چئي سگهون ٿا ته ساهت کي ڪمپيوٽر جي حوالي ڪرڻ. ڪمپيوٽر جِي هارڊ ڊِسڪ ڊرائيوَ اُنکي پاڻ ۾ سمائي ڇڏيندي. او سي آر optical character) recognition) سافٽويئر اچڻ کانپوءِ گهڻو ڪجهه ممڪن ٿي سگهيو آهي. ڪمپيوٽر تي ويب سائيٽ/س ٺاهي، ساهت کي اُن ويبسائيٽ/س تي اَپلوڊ ڪري سگهجي ٿو. هڪ فزيڪل ۽ ائنلاگ چيز ورچوئل ۽ ڊِجيٽل ٿي پوندي. اسان سڀني کي جهونا گول گهمندڙ ڊائل وارا فون ياد آهن، اڳ واريون ٽيليفون ايڪسچينجون ائنلاگ سگنلن تي ئي ڪم ڪنديون هُيون، پر هاڻي اُهي ڊجِيٽل ٿي ويئون آهن ۽ اسانجي سامهون پُش بٽڻ وارا فون اچي ويا آهن. اسانجا موبائيل به ساڳي ڊِجيٽل ٽيڪنالاجي ڪم آڻين ٿا. اسانکي فِلمن جا رِيل به ياد آهن. 17 ـ 18 رِيلن ۾ فلم بند هوندي هئي. رِيلن جي ڪاپين جِي ڪميءَ جي ڪري شهر ۾ صرف ڪِن ٻن چئن ٿيئٽرن ۾ ئي ڪا نئين فلم لڳندي هئي. ڪڏهن ته وچ وچ ۾ هڪ ٿيئٽر کان ٻئي ٿيئٽر تائين واري سان رِيل ڦرندا رهندا هئا. ٿيئٽر پنهنجي شوز جو ٽائيم اڳيان پُٺيان رکندا هئا. اُنهن رِيلن جا چڪرا وڏا هوندا هئا، مُشڪل سان سنڀالي سگهبا هئا. ۽ رِيلن جون ٽيپس نازڪ هونديون هُيون، ٻاهرين آبهوا اُنهن کي نقصان رسائيندي هُئي، نتيجن اُهي وڌيڪ وقت جٽاءُ ڪونه ڪري سگهنديون هُيون. ڪيترن پروڊيوسرن کي اُهي رِيل ڪولڊ اِسٽوريج ۾ رکائڻا پوندا هُئا، اُنهن جِي حفاظت مهانگي پوندي هئي. هاڻي فلمون ڊجيٽل ٿي ويئون آهن، سڄي دنيا ۾ جيترن ٿيئٽرن ۾ چاهيون هڪ ئي وقت نئين فلم هلائي سگهون ٿا. نه رِيلن جي مغزماري، نه اُنهن جِي سلامتيءَ جِي چنتا.

ڪتابن جي ڊِجيٽائزيشن جو وڏي ۾ وڏو لاڀ اِهو ٿيندو ته ساهت جِي پهچ دنيا ڀر ۾ مُمڪن ٿي سگهندي. پاٺڪن جو انداز اسين ڳڻي به نه سگهنداسين ايتري انداز ۾ ٿي ويندو. اسين اڳ چئي چُڪا آهيون ته سنڌي پاٺڪ لڳ ڀڳ گم شده آهي، پر اُها حالت ڀارت ۾ آهي، دنيا ڀر ۾ ڦهليل سنڌين مان ڪيترا اهڙا به آهن جيڪي ساهت پريمي آهن، ساهت پڙهندا آهن، پوري من سان پڙهندا آهن ۽ رچنائن کي ماڻيندا آهن. مان جڏهن دُبئيءَ ۾ هوس ته مون سنڌ جي ڪيترن ليکڪن جون رچنائون ڪمپيوٽر مان پرنٽ آئوٽ ڪڍي پڙهيون. هونئن پرنٽ آئوٽ ڪڍڻ جِي به ضرورت ڪانهي، رچنائون اِسڪرين تي به حاضر ئي ملنديون. اِسڪرين تي فونٽ سائيز وڏي به ڪري سگهبي آهي، رِيڊنگ بيحد ئي آسان ٿي ويندي آهي. اَميزون جو ڪِنڊل اِي ورزن ته بلڪل صاف چِمڪيلو هوندو آهي (منهنجو چيڪ بوڪ ڪهاڻي سنگرهه “دئٽ ون مومينٽ” جي نالي سان اُتي چڙهيل آهي). اهڙيءَ طرح دنيا ڀر جي پاٺڪن لاءِ سنڌي ساهت جِي دوري صرف ڪمپيوٽر جِي اسڪرين ۽ ڪِي بورڊ جو بٽڻ هوندو. اِن دِشا ۾ نند جويريءَ ڪافي ڪم ڪيو هو، سوَن ۾ ڪتاب نيٽ لاءِ تيار ڪرايا هئائين. پوءِ ٻُڌم ته هُن صاحب اُهي ڪتاب اين سي پي ايس ايل (ncpsl) کي ڏيئي ڇڏيا آهن، پوءِ ڇا ٿيو، نمي دانم. پر اِها خبر آهي ته اُهي ڪتاب اڃا نيٽ تي نه آيا آهن.

هونئن اسان ڪنهن ساهتڪ چيز تائين تڏهن ئي پهچي سگهندا آهيون جڏهن اسان اُنکي پنهنجي سانڍيل ذخيري مان ڳولهي هٿ ۾ کڻون، ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته ڪتاب سامهون هوندي به نظر کان لِڪل رهندو آهي. ڳولها لنبي ٿي ويندي آهي. ٻيو طريقو ڪنهن سُٺي لئبرريءَ جو آسرو هوندو آهي. پر اسين ڄاڻون ٿا ته سنڌي ڪتابن جون لئبرريون آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون به ڪونهن، ۽ سي به صرف ڪِن شهرن ۾. ڪنهن وقت، اِسڪولن ۽ سنڌي پڙهائيندڙ ڪاليجن ۾ ڪافي ڪٻٽَ، هزارن ۾ سنڌي ڪتابن سان سجيل نظر ايندا هئا. پر سنڌي تعليم جي پوئتي قدم ٿيڻ تي سنڌي ڪتاب ڊَمپ ٿيندا ويا ۽ ٻين ٻولين جا ڪتاب اُنهن ڪٻٽن جي سونهن بڻجڻ لڳا. هڪ افسوسناڪ خبر اِها به ملي ته ڪنهن ڪاليج سٺ سالن کان جمع ڪيل ڪيترن ئي ڪٻٽن ۾ ڪيترا ئي ناياب سنڌي ڪتاب رديءَ ۾ ڏيئي ڇڏيا.  اسين ڪيئي سيمينار ڪندا آهيون، الڳ الڳ وشين تي، الڳ الڳ ليکڪن تي، يا ليکڪن جِي جنم شتابديءَ جي موقعن تي، اُنهن تي سيمينار/ سِمپوزيم ڪري اُنهن کي ياد ڪندا آهيون، اُنهن جي ساهت تي بحث ڪندا آهيون، مقالا لکندا آهيون. پر هر وقت تڪليف اِها ٿيندي آهي ته وابسته وشين تي يا وابسته ليکڪن تي گهربل ڪتاب اسان وٽ ميسر نه هوندا آهن. اسان تلاش ڪري ٿڪجندا آهيون ته شهر جي ساهتڪار دوستن يا نند ڇُڳاڻيءَ يا خاص طور صاحب بِجاڻيءَ جهڙن، هر شيءِ کي سانڍي رکندڙ سُڄاڻن طرف نظر ڪندا آهيون، ۽ گهڻو ڪري، مُرڪندي هُو اسانجي ضرورت پوري ڪري وٺندا آهن. پر هر عام شخص ته اُنهن وٽ نه پهچي سگهندو. هڪ عام شخص سنڌي ساهت تائين ڪيئن پهچي، اُن لاءِ جديد تڪنڪي وسيلا ئي اسانجي مدد ڪري سگهن ٿا. جڏهن اُهي جديد وسيلا ڪم آڻينداسين ته ساهت صرف اسانجي هٿن تائين محدود نه رهندو، اسانجي آڱرين تي اچي ويندو، جيڪي ڪِي بورڊ جون ڪي ڪِيز پريس ڪري، گهربل ساهت اسانجي اکين سامهون آڻي ڇڏينديون. هڪ تازو مثال ڏسون. ويجهڙائيءَ ۾ ساهتيه اڪادميءَ گذريل پنجن سالن ۾ ڇپيل الڳ الڳ صِنفن جي ڪتابن تي سِمپوزيم رکڻ جو سِلسِلو شروع ڪيو آهي ـ غزل ۽ ڪهاڻيءَ تي ٿي چُڪو آهي، ٻين صِنفن تي به جلد ئي سِمپوزيم ٿيڻ وارا آهن. غزل ۽ ڪهاڻيءَ جي اِنهن سمپوزيم ۾ مقالا نويسن جي شڪايت اِها ئي هئي ته اسانکي پهرين ته گذريل پنجن سالن ۾ وابسته صِنفن جي ڇپيل ڪتابن جي ڄاڻ ئي ڪانهي، ۽ ڪِن حالتن ۾ ڄاڻ هئي ته ڪتاب هٿ نه ڪري سگهڻ جي مجبوري آڏو آئي هئي. جيڪڏهن ڪمپيوٽر ذريعي گهربل ڊيٽا سان ڪتاب نيٽ تي اَپلوڊ ڪيل هجن ها ته اِن تڪليف کان بچي سگهجي ها. ۽ اِن مان نه صرف اسانکي، هاڻوڪِي پيڙهيءَ کي، فائدو رسندو بلڪ اسان کان پوءِ جون پيڙهيون به اِن وراثت کي نه صرف ڄاڻي سگهنديون پر اُنکي نين منزلن تي پهچائي سگهنديون. مِعيار (standard) جي لحاظ کان اُنهن منزلن ۾ فقط ڊيگهه ويڪر جِي ڳالهه ڪانه هوندي پر اونهائيءَ جي به گنجائش هوندي، جو موڪري نموني، ڀارت جي دور دراز شهرن ۾ وسيل ته ڇا، پر دور دراز مُلڪن ۾ وسيل ساهت پريمي يا ساهتڪار اڀياس ذريعي پنهنجي ساهت جي الڳ الڳ پهلن تي نظرثاني ڪري ساهت کي نوان نوان آيام (dimensions) ڏيئي سگهندا. 

ڪمپيوٽر ۾ ساهت جي پرنٽ فارميٽ کانسواءِ گائڪي ـ شاستريه يا سُگم، غيرمعمولي فلمون، ناٽڪ وغيره به ڊِجِيٽائز ڪري سگهجن ٿا. اِهي به ساهت جي دائري ۾ اچن ٿا، جيئن ته اڪثر گايڪي شبدن تي ٻڌل هوندي آهي (جي شبد ناهن ته گايڪ جو آواز ته هميشه لاءِ اِسٽور ٿي ئي ويندو)، گانا گيت آڌارت هوندا آهن، ۽ فلمن توڙي ناٽڪن ۾ ڪهاڻي اِسڪرپٽ جي روپ ۾ هوندي آهي. تنهن کانسواءِ ڪيترين دُرلڀ نيگيٽوز مان فوٽوگراف ۽ پيپر فوٽوگرافن کي ڊِجيٽل فارميٽ ۾ بدلائي ڪمپيوٽر، يو ايس بِي يا هارڊ ڊِسڪ ڊرائيوَ ۾ محفوظ ڪري سگهون ٿا. اِن کانسواءِ ڪيترا اڻ لڀ دستخط به اسين ڊِجيٽائز ڪري قائمي ڪري سگهون ٿا، جيڪي ٻيءَ حالت ۾ شايد اُڏوهيءَ جي حوالي ٿي وڃن يا ڪنهن قدرتي آفت دوران اوجهل ٿي وڃن.

اسانجون ڪيتريون سماجي ريتيون رسمون آهن جيڪي لوڪ ساهت ۾ شامل هونديون آهن. هاڻي لاڏا يا ٻين خوشين جي جشنن وقت ڳايا ويندڙ لوڪ گيت ته آسانيءَ سان ملي ويندا آهن پر غميءَ وقت جي رسمن جو رِڪارڊ رکڻ ڏُکيو هوندو آهي. مثال طور بزرگ دوست پريتم ورياڻيءَ، سنڌالاجيءَ جي پروجيڪٽ تحت لوڪ ورثي کي ڪٺي ڪرڻ وقت ڪنهن عمر چڙهيل ڳوٺاڻِي عورت کي پارُ ڪڍڻ لاءِ چيو جيئن هو اُهو رِڪارڊ ڪري سگهي. ڪنهنجي موت وقت ورلاپ ڪندي ڪڍيا ويندڙ پارَ ڪڍڻ اُن عورت بلڪل گوارا نه ڪيو، جو هُنکي پارَ ڪڍڻ اَشُڀ لڳو. خير پريتم ورياڻي صاحب ڪنهن طرح ڪاميابي حاصل ڪئي، عورت کي مڃائي ورتائين. ته لوڪ ريتين رسمن کي اِن طرح اسين ايندڙ پيڙهين لاءِ سنڀالي رکي سگهون ٿا. ساڳيءَ طرح سنڌي ڏِڻن تي پوپٽي هيراننداڻيءَ جو ۽ ٻين ڪِن ليکڪائن جا ڪتاب نڪتل آهن، اسين اِها ڄاڻ پاڻ لاءِ توڙي پوين لاءِ سوگهي ڪري سگهون ٿا. اهڙيءَ طرح ننڍپڻ جي راندين جا تفصيل به ڪمپيوٽر حوالي ڪري هٿيڪا ڪري سگهون ٿا. ڪيترين راندين جا ته اسين نالا به ڀُلجي ويا آهيون. هي سڀ اسانجي ساهت جا حصا آهن، ڪي افسانوي ته ڪي غيرافسانوي ساهت جا.  

        ۽ اسانجو سڄو ساهتڪ خزانو وري اسانجِي ثقافت (ڪلچر) جو حصو آهي. جڏهن اسين ساهت کي ڊِجيٽائز ڪري ڊِيجيٽلائزيشن ٽيڪنالاجيءَ جِي مدد سان اُنکي سلامت (preserve) ڪريون ٿا ته اسين درحقيقت پنهنجي ڪلچر کي قائمي صورت ۾ آڻي رهيا آهيون. ۽ اِن عمل ۾ صرف ساهت کي نه، ڪلا کيتر جون ڪيتريون ئي ٻيون شاخون به آهن، جِنکي اسين محفوظ ڪري رهيا آهيون. مثال طور موهن گيهاڻيءَ جو ناٽڪ “سنڌوڌارا” اَنيلا سندر بئلي فارم ۾، اِسٽيج تي ڪيترن ئي شهرن ۾ پيش ڪيوآهي. اُنجو پهريون شو بمبئيءَ ۾ 28 ميءِ 2005 ۾ ٿيو.ناٽڪ ۾ سِج کان الڳ ٿيل ٽُڪري جو ڌرتي بڻجڻ، موهن جي دڙي جي سڀيتا، ڏاهر جِي شهادت، نُوري ـ ڄام تماچيءَ جو قصو، شاهه سچل ساميءَ جي ٽمورتيءَ جو ورڻن، هيمونءَ جي قرباني، ورهاڱي جو درد ۽ هندو سنڌين جو ڀارت ۾ اچي نه صرف پاڻکي ٿانئيڪو ڪرڻ پر پروپڪاري ڪارجَ به ڪرڻ، وغيره سِرجناتمڪ ڍنگ سان ڏنل آهي. هڪ طرح ڏسون ته سنڌ جو توڙي سنڌين جو پورو اِتهاس اِن ۾ سمايل آهي. يعني ناٽڪ سان گڏ نان فِڪشن جو ڀاڳ ـ اِتهاس ـ اچي ويو، ناٽڪ ۾ شيخ اياز ۽ واسديو موهيءَ جا گيت به آهن، جيڪي ساهت جو انش آهن، اُنهن گيتن کي سنگيت ۾ ڳايو ويو آهي، ۽ بئلي جِي ته ڳالهه ڪري ئي چُڪا آهيون. هڪ طرح ڏسنداسين ته هيءُ نرت ناٽڪ ڪيترين ڪلائن جو ميلاپ آهي. ۽ ڪلائون ڪلچر جو ئي ته حصو آهن. مونکي ڄاڻ ناهي ته “سنڌوڌارا” آن لائين آهي يا نه، پر ايتري ڄاڻ ضرور آهي ته اُنجي ڊي وي ڊي ميسر آهي. ڪڏهن به نيٽ تي اَپلوڊ ڪري سگهجي ٿي.

        نرت ناٽڪ ٻيا به ٿيا آهن ۽ اُهي سڀ اسانجي لوڪ ڪٿائن جي سورمين ۽ سورمن تي رچيل آهن. ارجن شاد (ليلا ـ چنيسر)، لڇمڻ ڪومل (مومل ـ راڻو، سهڻي ـ ميهر) ۽ ارجن حاسد (عمر مارئي) جون نرت ناٽڪائون ـ operas ـ ڪافي مشهور ٿيون آهن، پسند ڪيون ويئون آهن. ارجن حاسد جِي “عمر مارئي” آپيرا جِي ته ڊا ڄيٺي لالواڻيءَ وٽ سي ڊي به هٿيڪي آهي. صرف اُنکي نيٽ تي رکڻو آهي. تنهن کانسواءِ گهنشام واسواڻيءَ جي ڪمپوز ڪيل ۽ ڳايل واسديو موهيءَ جي غزلن مان اٺن شعرن تي، جرمنيءَ ۾ وسيل انترراشٽر يه  سطح تي مشهور آرٽسٽ مهروان مامتاڻيءَ جون اٺ پينٽنگس سِرجيل آهن، جيڪي فيس بوڪ تي وابسته ڪلاڪارن/شاعر جي نالن هيٺ چڙهيل آهن. هِنن سڀني ۾ اسين ڏسون ٿا ته ساهت، ڪلا جي ٻين فارمس ۾ پيش ٿيل آهي ـ غزل جا شعر، سنگيت ۾ ڪمپوز ڪيل، پوءِ ڳايل ۽ ڪلا جو ٻيو فارم پينٽنگس، جيڪي سڀ جا سڀ ڪلچر سان گهرائيءَ سان جُڙيل آهن. ان ريت ساهت سان گڏ ڪلچر جِي به حفاظت ٿئي ٿي جڏهن اسين ڊِجيٽل شين کي نيٽ تي چاڙهي سلامت ڪريون ٿا.   

        تازو بمبئيءَ ۾ غزل سِمپوزيم جي موقعي تي ڊا. ونود آسوداڻيءَ سان مـُلاقات ٿي. هُن ننڊڙي، سنهڙي، مُشڪل سان هٿ جي سائيز جي هڪ ڊوائيس جو بٽڻ آن ڪيو ته “ڪِتني پاڪستان” ناول جو آڊيو هلڻ لڳو. هُن ٻڌايو ته اُن پِتڪڙي ڊِوائيس ۾ اهڙا سوين ناول سمايل آهن. انگُ هزارن ۾ به ٿي سگهي ٿو. اسانکي خبر آهي ته اسانجو دوست وِنود وِزيوئلي چئلينجڊ شخص آهي. اِهو ڊوائيس هُن لاءِ ضرور وردان هوندو، هونئن ته هُو بِريل لپيءَ جِي سهوليت کان وانجهيل ڪتاب ڪيئن پڙهي! اسان وٽ لِپيءَ جو مسئلو آهي. اسان وٽ سنڌي تعليم به نه جهڙي آهي. اسين جيڪڏهن آڊيو بوڪس نيٽ تي وجهون ته اِن مسئلي جو حل مِلي سگهي ٿو. سنڌي ساهت ۾ دِلچسپي رکندڙ ڪو به شخص دُنيا جِي ڪهڙي به ڪُنڊ ۾ آڊيو بوڪ ٻُڌي سگهي ٿو. سنڌ وارا به اُن ۾ شامل ئي ليکبا. نه لِپيءَ جو جهنجهٽ، نه تعليم جو، ٻُڌندڙ فقط سنڌي ڄاڻندڙ هئڻ کپي. ۽ اِها به حقيقت آهي ته پڙهڻ کان ٻُڌڻ سولو ڪم آهي. نه صرف ايترو، ٻُڌندي ٻُڌندي اسين ڪو ٻيو ڪاريه به گڏوگڏ ڪري سگهون ٿا، ڊرائيو به ڪري سگهون ٿا. منهنجي ڪمپيوٽر ٽيبل اڳيان ريڊيو پيو هلندو آهي، ڪم ڪندي ڪندي وِوڌ ڀارتيءَ جا پروگرام به ماڻيندو رهندو آهيان.

        اسان وٽ ڪيتريون ساهتڪ سرگرميون ٿينديون رهن ٿيون، جهڙوڪ ڪيترائي سيمينار، سِمپوزيم، ادبي بئٺڪون، گوشٺيون، وغيره. اڪثر اُهي وڊيو رڪارڊ به ڪيون وينديون آهن. ڪيترا اهم مقالا به اُنهن ۾ پيش ٿيندا رهندا آهن. اِهي سڀ جي آن لائين ٿي وڃن ته سنڌي ساهت جو هڪ اهم پارٽ گلوبل سطح تي اچي ويندو. هونئن ته مقالا صرف حاضـُـرُ آڊيئنس تائين محدود ٿي ويندا آهن. ڪي ڇپجندا ضرور آهن پر سنڌي مخزنن جي پهچ ڪيتري آهي، اسانکي ته خبر آهي.

        ٻوليءَ کي بهتر نموني سمجهڻ جي حوالي ۾ سنڌ وارن هڪ اهم ڪم ڪيو آهي، ڪيتريون ڊِڪشنريون موبائيل اَئپ ۾ ميسر ڪيون آهن. اسين ڪٿي به هُجون ڪنهن به لفظ جو اُچار ۽ معنى اسانجين اکين اڳيان اچي ويندي آهي. اسانجي ڄاڻ سگهاري ٿي ويندي آهي. ٻولي، ڪلچر کي به سگهارو ڪري وٺندي آهي. ٻوليءَ جي حوالي ۾ ئي آشا چاند جا ڪم ياد پون ٿا. آشا چاند “لرن سِنڌي” ائپ ذريعي سنڌي سِکڻ جا سولا طريقا اُن ۾ شامل ڪيا آهن. سِکندڙن جي دِلچسپي قائم رکڻ لاءِ گيمس به ڊِوائز ڪيون آهن. وڏي سهوليت اِها آهي ته سِکندڙ پنهنجي چونڊيل وقت تي ٻولي سِکي سگهي ٿو.  

        سائين ايس پي منگهرملاڻيءَ سنڌين بابت هڪ ويبسائٽ “د سِنڌوورلڊ ڊاٽ ڪام” جوڙِي آهي، جيڪا سنڌين جي ڪيترن پهلن کي ڪَوَر ڪري ٿي. اُن ۾ سنڌين جي آدمشماريءَ کان وٺي سنڌي شخصيتن، سنتن ساڌن، ساهتڪارن، وغيره جِي ڄاڻ ڏني آهي. نامديو تاراچنداڻيءَ جِي “ڊاٽس ڪام” ڪمپنيءَ “سنڌي رائيٽرس ڊَئريڪٽري” موبائيل اَئپ گُوگل جي پلي اِسٽور ۾ شامل ڪئي آهي. هاڻي ليکڪن سان رابطو بلڪل سـَوَلو ٿي پيو آهي. حالانڪ في الحال اُهو “اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا”  جِي ڊَئريڪٽري تان کنيل آهي پر اُنکي اَپڊيٽ ڪري سگهجي ٿو. تازو ئي مون هڪ ينگ رائيٽر کي اُن ڊئريڪٽريءَ جو ڏَس ڏنو جڏهن هُن مونکان سندس ڪتاب موڪلڻ لاءِ ڪِن ليکڪن جِي ائڊريس ڄاڻڻ چاهي، ۽ مونسان موبائيل تي ڳالهائيندي ڳالهائيندي هُن ٻئي موبائيل تي اُها اَئپ کولي گهربل ليکڪن جا نالا ڏسندي هُنن جو شهر مونکان ڪنفرم ڪندي ويئي. اسين ڏسي سگهون ٿا ته نيٽ تي هئڻ ڪري، انفرميشن ڪيترو آسانيءَ سان ڦهلائي/ شيئر ڪري سگهجي ٿي. هِتي مان اِي مئگزن جِي به ڳالهه ڪري وٺان. دِليپ ٽيڪچنداڻي “سنڌي گلاب ڊاٽ ڪام” اِي مخزن 2001 کان هلائي رهيو آهي. اِها هڪ ڪامياب اِي مخزن آهي، جيڪا ساهتڪ رچنائون ڏيڻ سان گڏ سنڌين سان وابسته ڄاڻ به ڏيئي رهي آهي. اِن مخزن جِي پهچ، جنهنکي اسين ڪتابي ڀاشا ۾ سرڪيوليشن چوندا آهيون، سڄي دُنيا ۾ ليکي سگهجي ٿي. ڪجهه عرصو اڳ بئراڳڙهه، ڀوپال مان گوپال هاساڻيءَ “وِک” نالي اِي مخزن شروع ڪئي هئي. اُن کانپوءِ، بئراڳڙهه مان ئي ڀڳوان ٻاٻاڻيءَ “اڳتي قدم” اِي مخزن شروع ڪئي هئي اِهي ٻئي مخزنون ڪافي ساهتڪ رچنائون ڏينديون هُيون.

        طريقا ڪيترا ئي آهن، جهڙوڪ ڪهاڻين کي ايڪانڪي ۾ ۽ ناولن کي ناٽڪ جي صورت ۾ آڻي دِلچسپ ڍنگ سان ڊِجيٽائز ڪري ڇڏيون، نيٽ تي آڻي ڇڏيون، ساهت ته محفوظ ٿيندو ئي، ڪلچر به قائمي ٿي ويندو. اِن باري ۾ مان تفصيل سان مهورتي اِجلاس ۾ ٻُڌائي چُڪو آهيان، اِنڪري هِتي اُهو سڀ دُهرايان ڪونه ٿو. اِنهن سڀني طريقن جِي، بس صرف عمل جِي ضرورت آهي، سنڌين لاءِ ڪا ڳالهه ناممڪن ڪانهي.  

23.11.2018

(ساهت اڪادميءَ ۽ سنڌالاجي، آديپور جي گڏيل سهڪار سان آديپور ۾ 25 ـ 26 نومبر 2018 تي

ٿيل “ڀارت ۾ سنڌي ساهت ۽ ثقافـتي ورثي جو بچاءُ” سيمينار ۾ پيش ڪيل)