ھند ۾ ئي سنڌ آھي
هنديء ۾ پڻ سنڌي
هند جي يارن سان هندي
باڪي گهر وارن سان سنڌي
مٺڙي اباڻي ٻولي سنڌي
پياري وطن جي ٻولي هندي
ديش اسانکي پيارو آهي
راشٽر گان ٿو من کي ڀائي
سهڻي سنڌ پرماتما آھي
راشٽر گان جي آتما آھي
ڀارت سان آ نينهن جهان جو
اهڙو پيارو ديش اسانجو
ڪي ٽي دادلاڻي
ڳولهيان پيو
دل کي مليا آهن سور گهڻا،
سورن جي دوا ڳولهيان پيو!
سچو پيار ڪٿي آ جهان ۾؟
اهڙو پريمي ڳولهيان پيو!
اِنسانن ۾ اِنسانيت رهي ڪٿي آ؟
۽ مان هِتِ هُت انسان ڳولهيان پيو!
اَکين جي اِشارن ۾ ڪهڙو راز؟
اِشارن ۾ سچائي ڳولهيان پيو!
دل کي سچي راهه ڪڏهن مِلي؟
اَهڙو دلبر هِتِ ڳولهيان پيو!
زندگيءَ کي تازگي ڏي اَهڙو پلُ،
هار ۾ به جيت ڳولهيان پيو!
”ساز“ کي ساٿ ڏئي همشهه،
سهڻو هڪ ساٿي ڳولهيان پيو!
دليپ ٽيڪچنداڻي ”ساز“
click here for
Tipno 2020 - 21
Chettichand Mahayaatra from Kubernagar Ahmedabad 2016
2 Sindhi Songs
1. Bedo ta Muhinje Lal jo...
By Jagdish Mangtani
2. Muhinjee Dil bhi toon Muhinjee Jaan bhi toon Jhulelal Sindhyun Jo Awtar
Beautiful Sindhyat by Sindhis of Ahmedabad
Video by : Dilip Tekchandani
Click the link and watch Video
Sindhi Geet: Ayolal Jhulelal