ٻوليءَ جي کچڻي...! گيتاراج.
( ويرومل اونڌو منجي ڪري، مٿي تي هٿ ڏيئي ويٺو آهي، دروازي تي ٺڪ ٺڪ ٿي ٿئي ۽ ڀڳڙومل اندر ٿو اچي. )
ڀڳڙو (اندر ايندي) :ــ ”اڙي يار ويرو سکــ تــ آهي نــ هيئن ڪرمن تي هٿ رکي ڇو ويٺو آهين ؟ لنگهيس پئي هتان چيم تــ توسان رام رام ڪندو وڃان، پر هت تــ سائين....“
ويرو :ــ ” اچ ڀائي ڀڳڙا... نــ نــ اهڙو ڪجه بــ نــ ڪونهي، سڀ سک آهي.“
ڀڳڙو :ــ پوءِ هيئن ٽپر ٽيشن تي ڇو رکيا اٿئي ؟“
ويرو :ــ اڙي يار اڃان هيئنر سڳن سنبنڌين ، دوستن جو هجوم هتان روانو ٿيو آهي.“
( ڀڳڙو مل اڃا بــ عجب مان ويرومل کي گهوري پيو نهاري )
ويرومل :ــ اڙي ڀائي، پوٽي شنڪر کي جڻيان ٿا پايون هن آرتوار تي، سو نڍي پوٽي ڪشن کي چيم تــ وڃي پاڙي اوڙي ۽ مٽن مائٽن کي چتائي اچ.
نــ ڄاڻ ڇوري ڇا سمجهو، سڀني کي وڃين چيائين، ” هن آرتوار تي شنڪر جون پڳڙيون آهن اچجو...! “
سڀئي روئي پٽي آيا هتي اعزاپرستي ڪرڻ.
ڀڳڙو مل پوي ٿو ٽهڪن ۾........ ڇوري اهو تــ قهر ڪيو ، هيڏو وڏو چرچو...؟ ”
وري ٿو کلي.
ويرومل :ـــ ها ڀائي ڇا ڪريان ؟ تون هميشهـ مونکي صلاح ڏيندو هئين تـــ گهٽ ۾ گهٽ ٻارن سان گهر ۾ سنڌي ڳآلهيان ، ڇورن سان ڳالهاءِ تــ سمجهن ٿورو جواب ندارد يا تـــ جيڪو بـ جواب ڏين سو بــ چاچي جي ٻولي انگلش ۾ ڏين. چوان، اڙي سنڌي آهيو تــ سنڌي ڳلهايو، چون تــ بابا سائي ڀاڄي کچڻي تــ کارايو ٿا تــ سنڌي نــ ٿياسين ڇا ؟ سوادي دال پڪوان جو کارائيندا آهيو اهو چئي تــ اها سنڌي نيرڻ آهي.
ڀڳڙومل:ــ اڙي ويرو سائي ڀاڄي کچڻي ، سيئل ماني ، ڪوڪي ڏڌ ۽ لولو آچار اهو تــ ٿيو کاڄ ، هر ڪنهن پرانت جو کاڌو الڳ الڳ ، پرانتڪ اپج انوسار ٿيندو آهي.
پٽ جنهن ٻوليءَ ۾ ماءٌ لولي ڏئي ٿي ڄائي ڄم کان جنهن ٻوليءَ ۾ ڳالهائي ٿي اها ئي مادري ٻولي آهي، قوم جي سڃاڻپ تــ ٻوليءَ سان ئي ٿيندي آهي
ويرو:ــ ها سچ ٿو چئين ، ڏس نــ اڄ ڪلهــ ويس وڳو مردن جو انگريزي، زالون تــ سموري دنيا جي ويسن جي ڪاپي ڪن ، سنڌي زالون ڪڏهن پنجاپي تــ ڪڏهن ڄٽڪي گجراتي ،پشچمي ڊريس پائين ، کاڌو بــ برگر ، پيزائون کائين باقي اسان سنڌين وٽ ڪهڙو سنڌيپڻو رهيو ؟.
نــ ويس وڳو، نــ زبان، نــ ساهتيــ ، باقي اسانجا جوانڙا تــ بس ٽيڪنالاجيءَ جي ڪري رڳو انٽيرنيٽ تي ڀاري ويٺا آهن،
اهوئي مهاڀارت اٿن، اهوئي رامائڻ.
کاڌو رڌڻو آهي تــ انٽرنيٽ، ريتيون رواج سمجهڻا آهن تــ گوگل گرو.
ڀڳڙو:ــ پر ڀائي پنهنجي ٻولي تــ ڳالهائڻي آهي ، اها تــ پنهنجيءَ جاتيءَ ۾ پنهنجن سڳن سٻنڌين ، دوستن ۽ پنهنجي گهر ۾ ڳالهائڻ سان سکبي نــ..
دادا جشن بــ هر دفعي هميشهـ اُن ڳالهــ تي زور ڏين تــ سنڌي ڳالهايو، پر افسوس اڄ جو انسان ريس جي گهوڙي جيان صرف ٻين جي ديکا ديکي ڪاپي ڪري جي رهيو آهي ، گوگل گروءَ جي جــئــ .
ويرو:ــ تــ چئُــ جــيئي سنڌي ٻولي جنهن ۾ ماءٌ ڏني لولي. جيئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.
Geeta Raj Daswani
click here for
Tipno 2020 - 21
Chettichand Mahayaatra from Kubernagar Ahmedabad 2016
2 Sindhi Songs
1. Bedo ta Muhinje Lal jo...
By Jagdish Mangtani
2. Muhinjee Dil bhi toon Muhinjee Jaan bhi toon Jhulelal Sindhyun Jo Awtar
Beautiful Sindhyat by Sindhis of Ahmedabad
Video by : Dilip Tekchandani
Click the link and watch Video
Sindhi Geet: Ayolal Jhulelal